شالم عاشر زيويئر

شالم عاشر زيويئر

شالم عاشر زيويئر

شالم عاشر زيويئر (Shallum Asher Xavier): پاڪستان جي نوجوان موسيقار ۽ گٽار نواز (Guitarist) شالم عاشر زيويئر جو جنم 16 سيپٽمبر 1978ع تي ڪراچي، سنڌ ۾ سيموئل ۽ شيرين زيويئر جي گهر ۾ ٿيو. سندس تعلق عيسائي گهراڻي سان آهي. هيءُ چئن ڀيڻن ڀائرن ۾ ٻئي نمبر تي آهي.
هن، پنهنجي ابتدائي تعليم سينٽ پال انگلش هاءِ اسڪول، ڪراچي ۽ بيچلر آف ڪامرس جي تعليم گورنمينٽ نيشنل ڪاليج، ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. موسيقيءَ واري ماحول ۾ پالنا ٿيڻ سبب ننڍپڻ کان سندس لاڙو سنگيت طرف رهيو ۽ تقريباً اٺن سالن جي عمر ۾ ڪي بورڊ تي تجرباتي طور سکيا ورتائين. بعد ۾ سنڊي اسڪول ۾ هڪ آمريڪي، پاسٽر (Pastor) کي گٽار وڄائيندو ڏسي، ان کان متاثر ٿيو ۽ اسٽيو واءِ ۽ جو اسٽرائيو (Joe Strive) کي پنهنجا استاد ڪري کانئن گٽار وڄائڻ جي بنيادي سکيا ورتائين. 2003ع ۾ هن هڪ موسيقار عمران مومنه سان گڏ بين الاقوامي سطح تي ‘فيوزن’ نالي بينڊ تشڪيل ڏنو آهي، جنهن کي موسيقيءَ جي شوقينن طرفان ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي. کيس ٻه ڀيرا بهترين پاڪستاني گٽار نواز جو اوارڊ ملي چڪو آهي.


لفظ شالم عاشر زيويئرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.09.16  عيسوي

شالم عاشر زيويئر جو جنم 16 سيپٽمبر 1978ع تي ڪراچي، سنڌ ۾ سيموئل ۽ شيرين زيويئر جي گهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پيرزادو غوث محمد گوهر
ڀڳت موهن
سيد لال شاهه
جتوئي اظهر
دارا شاهه 1
الطاف اثيم
بچل شاهه جيلاني
بهاول خان عباسي
ظهير عباس
آچاريه ڀڳوان ديو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون